ڏاهري رنگ محل

ڏاهري رنگ محل

ڏاهري رنگ محل

ڏاهري رنگ محل (ڪتابي سلسلو): هي ناول، محمد عثمان ڏيپلائي طرفان شروع ڪيل عبرت ڪتابي سلسلي جي جلد 2- سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر 1942ع- 6-7-8 جي پرچي ۾ ڇپيو هو. هن ناول ۾ مسلمان بادشاهن جي بهادري ۽ سندن حالات زندگيءَ کي نمايان انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ناول جو مصنف محمد عثمان ڏيپلائي آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب آريه سماج طرفان مسلمان بادشاهن خلاف ڇپرايل ڪتابن جو جواب آهي، جنهن ۾ سندن خانگي حالتن کي نهايت تلخ ۽ سخت انداز سان پيش ڪيو ويو هو. خاص ڪري ’رنگ محل‘ ۾ مغل شهنشاهن جي اخلاقي ڪردار تي نهايت خراب انداز ۾ لکيل هو. جنهن ڏَس ۾ ڏيپلائي صاحب ان وقت هڪ جذباتي مسلمان جي حيثيت ۾ پنهنجو فرض سمجھندي، ان جي جواب ۾ ’رنگ محل'>ڏاهري رنگ محل‘ ۽ ٻيا ڪتاب لکيا، جيڪي عبرت ڪتابي سلسلي ۾ شايع ٿيا هئا.
هيءُ پرچو (ناول) آفتاب پرنٽنگ پريس، صدر بازار، حيدرآباد سنڌ مان اسلاميه دارالاشاعت، حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ڪرائون سائيز جي 210 صفحن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو